اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته دنيا ۾ هر ڪامياب ملڪ امن، استحڪام، پاليسين جي تسلسل ۽ مسلسل سڌارن ذريعي ترقي حاصل ڪئي آهي. اهڙو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽيڊيز جي سيمينار سي پيڪ – امڪانن ۽ چئلينجز ۾ خصوصي طور خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سي پيڪ بابت پاڪ چين جوائنٽ ڪوآپريشن ڪميٽي جي 13 مان 10 اجلاس منهنجي صدارت ۾ ٿيا، تاريخ گواهه آهي ته 7 ڏهاڪن تي ٻڌل پاڪ چين دوستي مضبوط ٿيندي پئي وڃي، اسان جي دوستي سمنڊ کان گهري، ماکي کان مٺي ۽ هن سال مئي ۾ ڪميونيڪيشن سيٽلائيٽ جي لانچ سان آسمان کان اونچي ٿي وئي آهي. هن چيو ته 2013 ۾ پ??ڪس??ان ۾ 16 کان 28 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي، اسان ٻن جنگين ڪولڊ وار ۽ 11/9 ۾ وسيلن جي قرباني ڏني. هن چيو ته 30 لک کان وڌيڪ پناهگير پ??ڪس??ان ۾ داخل ٿيا جيڪي اولهه جي جنگين جا پناهگير هئا، اسان جو ملڪ افغانستان ۾ نيٽو کي مفت شپمينٽ فراهم ڪندو رهيو پر هڪ پئسو به نه ورتو، آمريڪا ميڪسيڪو جي پناهگيرن کي پنهنجي سرحدن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نٿو ڏي پر پ??ڪس??ان پناهگيرن لاءِ دروازا کوليا. هن چيو ته 2013ع ۾ پ??ڪس??ان ۾ شديد معاشي بحران هو بجلي جي کوٽ هئي، خودڪش ڌماڪا ٿيندا هئا، پ??ڪس??ان جا پنهنجا سيڙپڪار ملڪ ۾ انويسٽمينٽ ڪرڻ کان لهرائيندا هئا، پ??ڪس??ان توانائي پاليسي جو اعلان ڪندي عالمي سيڙپڪارن کي بجلي پيدا ڪرڻ جا منصوبا لڳائڻ جي درخواست ڪئي. هن چيو ته اسان 2013ع ۾ حڪومت ۾ آياسين، سي پيڪ تي صحيحيون ٿيون ۽ آگسٽ 2013ع ۾ جي سي سي جو پهريون اجلاس ٿيو، چين پ??ڪس??ان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ڪندڙ سڀ کان وڏو ملڪ بڻجي ويو. 2015ع ۾ صدر شي جن پنگ پ??ڪس??ان جو دورو ڪيو ۽ 42 بلين ڊالرن جي سيڙپڪاري تي صحيحيون ڪيون. هن چيو ته وال اسٽريٽ جي هيڊ لائن موجب پ??ڪس??ان جو تصور دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهن مان بدلجي اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندڙ ملڪ بڻجي ويو. 2013ع کان 2015ع وچ ۾ 2.3 ملين نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيا، چين کان صنعتي سيڙپڪاري راغب ڪرڻ لاءِ 9 اقتصادي زون قائم ڪيا ويا. هن چيو ته2017ع ۾ پرائيس واٽر ڪوپر جي ريسرچ موجب پ??ڪس??ان 2030ع تائين دنيا جي ٽاپ 20 معيشتن ۾ شامل ٿي سگهي ٿو، منهنجي خلاف بي بنياد ڪيس بڻايو ويو ته مون نارووال ۾ اسپورٽس ڪامپليڪس جي تعمير لاءِ فنڊز فراهم ڪيا. شهزاد اڪبر ۽ فواد چوڌري اعتراف ڪري ورتو ته اهي ڪيس بي بنياد هئا، 1992ع ۾ اسان لبرلائيزيشن، ڊي ريگيوليشن، نجڪاري جون پاليسيون متع??رف ڪرايون. هن چيو ته سرتاج عزيز مون کي ٻڌايو ته ڀارت جي ناڻي واري وزير من موهن سنگهه پ??ڪس??ان ۾ بزنس ريفارمز کي ڀارت ۾ لاڳو ڪرڻ جو ارادو ڪيو، 90ع جو ڏهاڪو سياسي انتشار جو شڪار ٿي ويو. ڀارت سڌارا لاڳو ڪيا ۽ اسان کان اڳتي نڪري ويو. پاليسيون 10 سالن کان پهرين ڊليور ناهن ٿينديون، پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ سي پيڪ منصوبن تي ڪم رڪجي ويو، هن چيو ته گوادر ۾ 2017ع ۾ مقامي ماڻهن لاءِ پاڻي ۽ بجلي جا منصوبا شروع ڪيا، اسان جي حڪومت دوران اسلام آباد جي هر سيڪٽر ۾ چيني ڪاروباري ادارن جون آفيسون نظر اينديون هيون. ترقي جي سياست پي ٽي آءِ دور ۾ نفرت ۽ پولرائيزيشن جي سياست ۾ بدلجي وئي. پي ٽي آءِ ايران کان 100 ميگاواٽ پائيپ لائن پراجيڪٽ 4 سالن تائين ملتوي ڪيو، اسان ان کي 8 مهينن ۾ بڻائي ڇڏيو. گوادر کان پنجگور تائين ني??نل گرڊ 12 مهينن ۾ مڪمل ٿي، جنهن کي پي ٽي آءِ روڪي رک??و هو. هن چيو ته گوادر پورٽ ۾ 4 سالن کان مينٽيننس ڊريجنگ نه ڪئي وئي هئي، گوادر جي گهرائي تي ناڪاري اثر پئجي ره??و هو، 2022ع ۾ اسان 5 ارب روپين ۾ مينٽيننس ڪئي ۽ گوادر هڪ دفعو ٻيهر اونهي سمنڊ وارو بندرگاهه بڻجي ويو. دنيا ۾ هر ڪامياب ملڪ امن، استحڪام، پاليسين جي تسلسل ۽ مسلسل سڌارن ذريعي ترقي حاصل ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
Hopes for survivors wane as landslides, flooding bury villages
-
Punjab CM stands with KP in flood disaster, offers support
-
Global leaders send warm independence day wishes to Pakistan
-
Pakistan’s first robotic bariatric surgery performed at CDA Hospital
-
کاک ٹیل نائٹ آفیشل تفریح لنک
-
Imran vows not to let corruption mafia go scot-free
-
EUs signature drive on Kashmir begins today
-
450 Pakistani fishermen arrested by Indian authorities during five years
-
Zaka vows to make navy impregnable
-
Plans to close wedding halls by 10pm delayed till Feb 1: CM Sindh
-
Chinese investors interested to invest in Sindh
-
More countries can join CPEC after China-Pak consensus