اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترقياتي ??نصوبن ۾ معيار ۽ شفافيت يقيني بڻ??ئڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ جاري عوامي سهولت جي ميگا پراجيڪٽس تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي، نوجوانن جي ترقي ۽ عورتن کي خودمختيار بڻائيندڙ منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي شروع ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ هلندڙ مالي سال ۾ ترقياي منصوبن بابت اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خواجه آصف، احسن اقبال، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خاص معاونين ملڪ احمد خان، شزا فاطمه خواجه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي مالي سال 24 – 2023ع ۾ ترقياتي ڪمن ۽ ان تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي نوجوانن ۽ عورتن جي ترقي، زراعت، صنعت، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين شعبن جي ترقياتي ??نصوبن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته سڄي پاڪستان بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ وزيراعظم ميرٽ اسڪالرشپ جي شروعات ڪئي پئي وڃي. پوري پاڪستان ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت باصلاحيت نوجوانن کي ليپ ٽاپ جي فراهمي جو عمل جلد شروع ڪيو ويندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ترقياتي ??نصوبن ۾ عوامي ڀلائي جي منصوبن کي ترجيح ڏني وڃي. سڄي ملڪ ۾ جاري عوامي سهولت جي ميگا پراجيڪٽس تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي. هلندڙ مالي سال پٺتي ??يل علائقن جي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته نوجوانن جي ترقي ۽ عورتن کي خودمختيار بڻائيندڙ منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته زراعت جي شعبي جي ترقي ۽ ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن جي منصوبي تي ??ڻ جلد ڪم شروع ڪيو وڃي. وزيراعظم سمورن منصوبن ۾ معيار ۽ شفافيت يقيني بڻ??ئڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم سمورن منصوبن جي مقرر مدي ۽ حڪمت عملي تي ??ڻ تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
Sindh faces less flood water than expected: Sharjeel Memon
-
Kurram conflict eases as tribal elders surrender heavy arms
-
President, PM reaffirm commitment to protecting workers’ rights, safety
-
Number of Indian drones downed by Pakistan reaches 77
-
علاقائی لنک پیگی بینک آفیشل تفریحی لنک کا تعارف
-
Bonanza Candy Entertainment آفیشل ایپ
-
Cailong Trust Betting APP
-
Nisar mocks former CJP
-
HRCP demands probe into activists abduction, MQM workers death
-
Many prisoners still in jails due to improper record
-
Pak-Afghan border shut after Afghans set Pakistani flag on fire
-
US urges Pakistan to cooperate with Afghanistan in fighting extremism