اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد شهباز شريف پنجاب صوبي جي چونڊن لاءِ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اميدوارن کان پارٽي ٽڪيٽ جي لاءِ درخواستون طلب ڪري ورتيون آهن. شهباز شريف پارٽي صدر جي طور تي اهي هدايت??ن جاري ڪيون. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي ٽوئيٽ موجب پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ اميدوارن جي فهرستن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي پارلياماني بورڊ کي به هدايت ڪئي آهي. اميدوارن کي هدايت ڪئي ته اليڪشن ڪميشن پاران پنجاب صوبي ۾ نامزدگي ڪاغذن جي لاءِ 14 مارچ جي آخري تاريخ جو اعلان ٿيڻ جي ڏس ۾ پنهنجي پنهنجي تڪن ۾ ڪاغذ ج??ع ڪرائين. محمد شهباز شريف اميدوارن جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته الله تعاليٰ جو نالو وٺي چونڊ ميدان ۾ لهڻ جي تياري ڪريو. مسلم ليگ (ن) پاڪستان ۽ عوام جي خدمت جو نالو آهي. هن چيو ته قائد محمد نواز شريف جي رهنمائي ۾ اسان سدائين ملڪ کي بحرانن مان ڪڍيو آهي، هاڻي به سرخرو ٿينداسين. مهانگائي ۾ گهٽتائي، دهشتگردي جو خاتمو، عوام جي لاءِ بهترين سفري سهولتون قائد نواز شريف ۽ ان جي پارٽي ??ي سڃاڻپ آهي. محمد شهباز شريف چيو ته جهڙي طرح بجلي جي اونداهين کي ختم ڪيو، پاڪستان کي معاشي قوت بڻايو، هڪ ڀيرو ٻيهر اهي منزل حاصل ڪنداسين. هن چيو ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جا موقعا ڏنا، ليپ ٽاپ، وظيفا ڏنا، اهو سفر اڳتي وڌائينداسين. هن چيو ته ملڪ کي معاشي تباهي، مهانگائي ۽ مسئلن جي عذاب ۾ مبتلا ڪندڙن کي عوام ڄاڻي ۽ سڃاڻي ٿي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر چونڊ مهم هلائڻ جي لاءِ حڪمت عملي جي تياري جي هداي?? ڪري ڇڏي آهي. چونڊ اميدوارن کي درخواست??ن جمع ڪرائڻ جي لاءِ 180 ايڇ ماڊل ٽائون لاهور پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽريٽ رابطو ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي.
متعلقہ مضامین
-
Star cricketers send good wishes for PM Nawaz
-
Three killed, 18 injured in bus-trolley collision
-
CPEC, Gwadar Port to bring prosperity: President
-
Indian Army battalions along LoC on full alert: TOI
-
جنوبی آسٹریلیا آن لائن تفریح آفیشل ویب سائٹ
-
تیتلی آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ کرنے کا آسان طریقہ
-
Caihoo سرکاری ڈاؤن لوڈ پورٹل داخلی دروازے کی مکمل رہنمائی
-
این ایس الیکٹرانک گیم کی آفیشل ویب سائٹ کے بارے میں مکمل معلومات
-
CQ9 الیکٹرانک آفیشل ڈاؤن لوڈ کی مکمل گائیڈ
-
MT آن لائن ایماندار بیٹنگ کی ویب سائٹ: ایک محفوظ اور شفاف تجربہ
-
بلیک جیک انٹرٹینمنٹ ٹرسٹڈ پلیٹ فارم: ایک قابل اعتماد اور پرکشش تجربہ
-
لکی ڈریگن آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ کی مکمل گائیڈ