ڪوئيٽا – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف برسات ۽ ٻوڏ متاثرين کي 24 ڪلاڪن جي اندر معاوضو ادا ??رڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وفاق ۽ بلوچستان جي حڪومت قومي جذبي سان متاثرين جي بحالي ۽ آبادڪاري جي لاءِ پرعزم آهي، جيستائين آخري گهر آباد نه ٿو ٿئي سک سان نه ويهنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته غيرمعمولي برساتن سبب وسيع پئماني تي نقصان ٿيو آهي، قيمتي جانين جي نقصان سان گڏوگڏ انفراسٽرڪچر کي به ??قصان پهتو آهي، انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ اين ايڇ اي جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي سميت ٻيا ادارا ۽ وفاقي حڪومت گڏجي قدم کڻي رهيا آهن، وفاق ۽ بلوچستان حڪومت قومي جذبي سان بحالي ۽ آبادڪاري جي لاءِ پرعزم آهن. وزيراعظم اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي ته 24 ڪلاڪن جي اندر فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي مالي مدد فراهم ڪئي وڃي، انهن جي خاندانن جي بحالي اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، امداد متاثرين جي گهرن تائين پهچائي وڃي، پي ڊي ايم اي ۽ اين ڊي ايم اي کي ان ۾ دير نه ??رڻ گهرجي، زخمين کي به ??وري طور تي مالي مدد فراهم ڪئي وڃي. شهباز شريف چيو ته جن متاثرين جي گهر مڪمل يا جزوي طور تي تباهه ٿيا آهن، انهن جو معاوضو وڌائي 5 لک رپيا ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جيستائين آخري متاثر گهر آباد نه ٿو ٿئي سک سان نه ويهنداسين. هن چيو ته ??رن??يءَ وارن ماڻهن کي اڳتي اچڻ گهرجي. هن چيو ته ان حوالي سان 3 تاريخ تي اسلام آباد ۾ اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ سمورن معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويندو.
متعلقہ مضامین
-
Govt grants permission to 25 INGOs to work in Pakistan
-
Aizaz, Jaishankar remained unable to unlock diplomatic deadlock
-
Karzai-led Afghan team to discuss border issues in Islamabad
-
JUI-F leaders demand reconstruction of madrassas, mosques
-
SC issues notices to PM, others in Panama Leaks case
-
Islamic States Pakistan attack highlights changing tactics
-
فورچن ڈریگن انٹرٹینمنٹ آفیشل ایپ
-
MG آن لائن تفریح کی سرکاری ایپ
-
PUBG موبائل ایپ ڈاؤن لوڈ کرنے کا مکمل طریقہ
-
CMD اسپورٹس آفیشل ڈاؤن لوڈ انٹریس مکمل گائیڈ
-
لائیو کیسینو آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ کرنے کا محفوظ طریقہ
-
بی جی آن لائن: ایک دیانت دار تفریحی ویب سائٹ کی کامیابی کی کہانی