فيصل آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ملڪ جي مٿاھين ۽ وچ وارن علائقن ۾ 26 سيپٽمبر کان پھرين آڪٽوبر تائين تي?? ھوائن ۽گج گوڙ سان برساتن جو امڪان آهي. موسميات کاتي جي ترجمان ٻڌايو آھي ته 25 سيپٽمبر جي رات کان گهم واريون ھوائون نار بنگال کان ملڪ جي مٿاھين وارن علائقن ۾ داخل ٿينديون ۽ ھڪ اولھه جي لھر 26 سيپٽمبر تي ملڪ جي مٿاھين وارن علائقن ۾ داخل ٿي رھي آھي. جنھن سبب وقفي وقفي سان تي?? ھوائن ۽ گج گوڙ سان برسات جڏھن ته ان دوران ڪجھه ھنڌن تي تيز برسات جو پڻ امڪان آھي. موسميات کاتي وڌيڪ ٻڌايو آهي ته 26 سيپٽمبر جي شام ۽ پھرين آڪٽوبر تائي?? فيصل آباد ڊويزن جي چئني ضلع?? فيصل آباد، جھنگ، ٽوبا ٽيڪ سنگھه، چنيوٽ سميت اسلام ??باد، راولپنڊي، مري، گليات، اٽڪ، چڪوال، تلا گنگ، جھلم،منڊي بھاالدين،گجرات، گوجرانوالا?? لاھور، شيخوپوره، سيالڪوٽ، نارووال، حافظ آباد، وزير آباد جڏھن ته 27 سيپٽمبر جي رات کان پھرين آڪٽوبر دوران ساھيوال، ننڪانه صاحب، خوشاب، سرگوڌا، ميانوالي، اوڪاڙه، پاڪپتڻ، قصور ۽ ڀڪر ۾ تي?? ھوائن، طوفان ۽ گج گوڙ سان گڏ برساتن جو امڪان آھي ھن چيو ته تيز برساتن سبب مري، گليات، ??نسھره، ڪوھستان، چترال، گلگت بلتستان، دير، سوات، شانگله، نوشھره، صوابي، اسلام ??باد، راولپنڊي، اتر اوڀر پنجاب ۽ ڪشمير جي مقامي ندي نالن ۾ پاڻي جي وھڪر ۾ اضافي جو امڪان آھي جڏھن ته تيز برسات سبب اسلام ??باد، راولپنڊي، گوجرانوالا?? لاھور، شيخوپوره، قصور ۽ سيالڪوٽ جي ھيٺاھين علائقن ۾ شھري ٻوڏ اچي سگھي ٿي. ھن چيو ته طوفان اچڻ، جھڪ ھلڻ ۽ گج گوڙ سبب روزمره جا معاملا متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي ۽ ڪمزور انفراسٽرڪچر، ڀتين، بجلي جا ٿنڀن، بل بورڊز، گاڏين ۽ سولر پينل کي نقصان پھچڻ جو خدشو آھي. ھن چيو ته آبادگار موسمياتي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکي پنھنجا معاملا ترتيب ڏين. ان کانسواءِ مسافر ۽ سير تي ويندڙ ماڻھو سفر دوران وڌيڪ محتاط رھن ۽ موسمي حالتن مطابق پنھنجي سفر جو انتظام ڪن جڏھن ته تيز برساتن دوران ڪنھن به اڻوڻندڙ صورتحال کان بچڻ لاءِ موسم بابت آگاھي حاصل ڪن.
متعلقہ مضامین
-
PR announces 2030 Karachi-Lahore bullet train project
-
CM Maryam inaugurates ‘Khelta Punjab’ Games 2025
-
Somalia’s envoy, UMT president discuss ways to boost educational ties
-
30 terrorists killed in South Waziristan IBOs
-
Senior PPP leaders commend Pakistani action against Indian aggression
-
میڈ منی کوسٹر سرکاری تفریحی داخلی راستہ
-
Pakistan worlds 10th largest weapons importer in 2015
-
Punjab govt reschedules school timings amid surge in temperature
-
Illegal billboards in Karachi Cantonment property of army, SC informed
-
Group hacks NGT website, claims revenge for India’s surgical strikes
-
Pakistani hiking sensation passes away
-
اعلی اور کم کارڈز کا سرکاری ڈاؤن لوڈ داخلہ مکمل گائیڈ